اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزارت طرفان تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) کي سرڪاري طور تي ڪالعدم جماعت قرار ڏنو ويو آهي، جنهن بعد ان کي فرسٽ شيڊول جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
گهرو وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ٽي ايل پي تي پابندي انسداد دهشتگردي ايڪٽ تحت لڳائي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ جماعت جي هر قسم جي سياسي ۽ سماجي سرگرمين تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
حڪومتي ذريعن موجب، گهرو وزارت جي رپورٽ هاڻ قانون واري وزارت ڏانهن اماڻبي، جتان تيار ڪيل ريفرنس سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويندو.
ياد رهي ته وفاقي ڪابينا گذريل ڏينهن پنجاب حڪومت جي سفارش تي ٽي ايل پي تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.

