خضدار ۾ تعميراتي ڪيمپ تي هٿياربندن جو حملو، سنڌ سان تعلق رکندڙ 18 مزدور اغوا، گاڏين کي باهيون

HomeFeatured Newsخضدار ۾ تعميراتي...

ڪوئيٽه (ويب ڊيسڪ): بلوچستان جي ضلعي خضدار جي نال واري علائقي ڪليڙي ۾ نامعلوم هٿياربندن پاران تعميراتي ڪمپني جي ڪيمپ تي حملو ڪيو ويو، جنهن دوران 18 مزدورن کي اغوا ڪيو ويو ۽ ڪيترين ئي گاڏين ۽ مشينري کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

اهو واقعو جمعي جي رات پيش آيو، جتي درجنين هٿياربندن پهرين شاهراهه کي بلاڪ ڪري ٽريفڪ بند ڪئي، پوءِ هڪ نجي تعميراتي ڪمپني جي ڪيمپ ۽ ڪرش پلانٽ تي حملو ڪري تباهي مچائي. متاثر ڪمپني خضدار کي واشڪ ضلعي جي بسيمه علائقي سان ڳنڍيندڙ اهم روڊ جي تعمير تي ڪم ڪري رهي هئي، جيڪو صوبائي ترقياتي منصوبن جو حصو آهي.

علائقي جي ليويز انچارج موجب، حملي دوران گهٽ ۾ گهٽ 8 گاڏين کي نقصان پهتو، جن ۾ ڳري مشينري ۽ ٽرانسپورٽ گاڏيون شامل آهن. حملي کان پوءِ هٿياربند مزدورن کي زبردستي ساڻ وٺي فرار ٿي ويا. اغوا ٿيل مزدورن مان اڪثر جو تعلق سنڌ سان آهي، جيڪي روزگار جي تلاش ۾ بلوچستان آيا هئا.

تعميراتي ڪمپني “ڊي بلوج” جي مئنيجر ذوالفقار احمد تصديق ڪئي ته شروعاتي طور تي 20 مزدورن کي اغوا ڪيو ويو، جن مان 2 کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته باقي 18 مزدور اڃا تائين گم آهن. هن چيو ته حملو ڪمپني جي ڪم تي گهڻو اثر ڇڏيندو ۽ ملازمن ۾ خوف وڌي ويو آهي.

واقعي جي اطلاع ملندي ئي ليويز، فرنٽيئر ڪور (ايف سي) ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي اهلڪارن علائقي ۾ پهچي سرچ آپريشن شروع ڪيو. مقامي قبائلي اڳواڻن جي مدد سان اغوا ٿيل مزدورن جي ڳولا جاري آهي، پر اڃا تائين ڪو به ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي.

واضح رهي ته هي واقعو هڪ هفتي اندر مزدورن جي اغوا جو ٻيو وڏو سانحو آهي. ان کان اڳ مستونگ جي دشت علائقي مان 9 مزدورن کي اغوا ڪيو ويو هو، جن جو به ڪو پتو نه پيو. هاڻي اغوا ٿيل مزدورن جو انگ 27 ٿي چڪو آهي.

ان قسم جي واقعن سبب صوبائي سطح تي ڪم ڪندڙ هزارين مزدورن ۽ تعميراتي ڪمپنين ۾ ڳڻتي وڌي وئي آهي. حڪومت بلوچستان ان واقعي جي مذمت ڪندي خاطري ڪرائي آهي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو ويندو. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهڙا حملا صوبائي ترقي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش آهن، جن کي روڪڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});