ميرپور خاص (رپورٽ: رحيم ارباب) ميرپور خاص جي مهراڻ ٿاڻي ۾ هڪ عورت، جيڪا پنهنجي گم ٿيل ڌيءَ جي بازيابي لاءِ فرياد کڻي آئي هئي، مبينا طور تي پوليس جي ورديءَ ۾ ويٺل ايس ايڇ او طرفان جنسي زيادتي جو شڪار بڻجي وئي.
ضلعي پوليس جي ترجمان موجب، متاثر عورت ڊي آءِ جي کي درخواست ڏني، جنهن ۾ هن الزام لڳايو ته مهراڻ ٿاڻي تي فرياد ڏيڻ جي بدلي کيس زيادتيءَ جو نشانو بڻايو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي فرياد تي زيادتيءَ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايس ايس پي ڊاڪٽر سمير نور چنه فوري طور تي ايس ايڇ او مير خادم ٽالپور کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ جاچ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب، عورت جي شڪايت کانپوءِ ايس ايڇ او ۽ متاثر عورت جا ميڊيڪل نمونا حاصل ڪيا ويا آهن، جيڪي ٽيسٽ لاءِ موڪليا ويا آهن. تفصيلي ميڊيڪل رپورٽ اچڻ کانپوءِ وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
واقعي بعد علائقي ۾ بيچيني پکڙجي وئي آهي، جڏهن ته انساني حقن جي تنظيمن ۽ شهري حلقن پاران سخت ردعمل سامهون آيو آهي، جن مطالبو ڪيو آهي ته انصاف کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ورديءَ جي آڙ ۾ ٿيندڙ ظلم جو خاتمو آندو وڃي.
مھراڻ ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او خلاف عورت سان مبينا جنسي زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي۔
متاثر عورت عاليه شيخ جي فرياد تي وومين ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ مھراڻ ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او مير خادم ٽالپر کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آھي۔

