ڪراچي : سنڌ جي سينئر وزير، اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سينيٽر تاج حيدر پل ڪراچي واسين لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جو هڪ شاندار منصوبو آهي، جيڪو يلو لائين بي آر ٽي جو حصو آهي ۽ مختصر وقت ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي.
هڪ وڊيو بيان ۾ شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته پل سان گڏ هڪ ٻيو برج به تعمير ڪيو پيو وڃي، جنهن بعد ڪل اٺ لينون مڪمل ٿي وينديون. هن منصوبي ۾ سائيڪل سوارن لاءِ الڳ ٽريڪ پڻ ٺاهيو ويو آهي، ته جيئن هو محفوظ نموني سفر ڪري سگهن ۽ ٽريفڪ ۾ رنڊڪ نه پوي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت هن وقت ڪراچي ۾ بي آر ٽي جا مختلف منصوبا تيزيءَ سان اڳتي وڌائي رهي آهي، جيڪي خاص طور ڪورنگي سميت ٻين علائقن جي رهواسين لاءِ وڏي سهولت ثابت ٿيندا. “اسان جو عزم آهي ته ڪراچي ۾ جديد ٽرانسپورٽ ۽ رستن جو نظام مهيا ڪري شهرين کي ٽريفڪ جي مسئلن کان رليف ڏجي،” شرجيل ميمڻ چيو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته يلو لائين منصوبي تحت اي وي بسن (برقي بسن) جو آغاز ڪيو پيو وڃي، جنهن سان ماحولياتي بهتري سان گڏ سفري سهولتن ۾ نمايان واڌارو ايندو.
شرجيل ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت هيٺ سنڌ حڪومت ڪراچي جي ڪنيڪٽيويٽي بهتر ڪرڻ لاءِ تيزيءَ سان ڪم ڪري رهي آهي، ته جيئن شهري گهٽ خرچ ۾ ايئر ڪنڊيشن بسن وسيلي آرامده سفر ڪري سگهن.

