سارين جي اگهن خلاف جيڪب آباد ۾ هارين جو ڌرڻو، معاشي قتل بند ڪرڻ جو مطالبو

Homeاهم خبرسارين جي اگهن...

جيڪب آباد (رپورٽ: خيرمحمد دايو) ضلعي جيڪب آباد ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن جي هارين پاران سارين جي فصل جا مناسب اگهه نه ملڻ خلاف سخت احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهيد الله بخش سومرو پارڪ کان شروع ٿي جيڪب آباد پريس ڪلب آڏو ڌرڻي ۾ تبديل ٿي وئي.

احتجاج جي اڳواڻي محمد حنيف جکراڻي ۽ سيد عبدالرزاق شاهه ڪئي، جتي هارين، آبادگارن ۽ زميندارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن خلاف نعريبازي ڪئي.

مظاهرين جو چوڻ هو ته:

“سڄو سال محنت ڪري ڀاڻ، ٻج، پاڻي، مزدوري سميت لکين رپيا خرچ ڪري فصل پوکيون ٿا، پر فصل پچڻ بعد مارڪيٽ ۾ مناسب اگهه نه ملڻ ڪري سخت نقصان کڻڻو پوي ٿو.”

هنن چيو ته موجوده حالتن ۾ سارين جو في مڻ اگهه پيداوار جي لاڳت کان به گهٽ آهي، جيڪو سندن معاشي قتل برابر آهي. هارين جو چوڻ هو ته هو بينڪن کان قرض وٺي فصل پوکين ٿا، پر هاڻ ڀاڻ، دوا، پاڻيءَ جي کوٽ ۽ مارڪيٽ ۾ سيٺن جي من ماني اگهن سبب ڏيوالي جي ڪناري تي اچي ويا آهن.

احتجاجي اڳواڻن جا مطالبا:

  • سارين جي في مڻ اگهه جو تعين ڪري مناسب سرڪاري اگهه مقرر ڪيو وڃي
  • سرڪاري خريداري جو نظام بحال ڪيو وڃي
  • هارين لاءِ زرعي سبسڊي جو بندوبست ڪيو وڃي
  • مارڪيٽ ڪميٽي تي ڪنٽرول ڪري واپارين جي من ماني بند ڪئي وڃي
  • زرعي قرضن تي وياج معاف ڪري آسان قسطن تي نئون قرض ڏنو وڃي

احتجاج ڪندڙن سنڌ حڪومت، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کان مطالبو ڪيو ته هو هارين جي حالتن جو نوٽيس وٺن ۽ سندن معاشي تحفظ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});