ڪراچي: اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي پاليسي ريٽ کي 11 سيڪڙو جي موجوده سطح تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اجلاس گورنر اسٽيٽ بئنڪ جميل احمد جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ معاشي حالتن ۽ مهانگائي جي رجحان جو جائزو ورتو ويو.
واضح رهي ته مئي 2025 ۾ اسٽيٽ بئنڪ پاليسي ريٽ ۾ 100 بيسس پوائنٽس جي گهٽتائي ڪندي ان کي 11 سيڪڙو مقرر ڪيو هو، جنهن کان پوءِ جولاءِ، آگسٽ، سيپٽمبر ۽ هاڻ آڪٽوبر جي اجلاس ۾ به ساڳي شرح برقرار رکي وئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب، موجوده حالتن ۾ شرح سود کي برقرار رکڻ سان مالي استحڪام کي هٿي ملندي.

