آمريڪي رياست نيواڊا ۾ ٿيل 74هين مِس آمريڪا مقابلي ۾ رياست نبراسڪا سان تعلق رکندڙ 22 ورهين جي ماڊل آڊي ايڪرٽ ميدان ماريو ۽ مِس آمريڪا 2025 جو تاج پنهنجي نالي ڪيو.
غير ملڪي ميڊيا جي رپورٽن موجب، هن مقابلي ۾ آمريڪا جي 50 رياستن مان حسينا حصو ورتو، جن مان آڊي ايڪرٽ پنهنجي اعتماد، صلاحيت ۽ سماجي شعور جي بنياد تي ججن کي متاثر ڪيو.
آڊي ايڪرٽ پيشوَر طور هڪ مقامي ڪمپني ۾ سوشل ميڊيا ۽ مارڪيٽنگ ڪوآرڊينيٽر طور ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته هوءَ اڳوڻي “هسڪر چيئر ليڊر اسڪواڊ” جي ميمبر به رهي چڪي آهي. هوءَ ڊجيٽل سيفٽي ۽ آن لائن تحفظ بابت شعور اجاگر ڪرڻ واري مهمن ۾ به سرگرم رهي آهي.
هن جو چونڊجڻ مِس آمريڪا جي نئين دور جي شروعات طور ڏٺو پيو وڃي، ڇاڪاڻتہ گذريل ڪجهه سالن دوران هي مقابلو تڪرارن جو شڪار رهيو آهي. 2023ع ۾ چونڊيل مِس آمريڪا، نوئيلا فوگٽ، ڪجهه مهينن بعد استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو هو، جنهن کان پوءِ منتظمين مقابلي جي نظام ۾ سڌارا آندا.
آڊي ايڪرٽ هاڻ ايندڙ مهيني، 21 نومبر تي ٿائيلينڊ ۾ ٿيندڙ مِس يونيورس 2025 جي عالمي مقابلي ۾ آمريڪا جي نمائندگي ڪندي.

