اسلام آباد (ويب ڊيسڪ):پاڪستان جي آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير اردن جي بادشاهه عبدالله دوم ابن الحسين سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي ۽ سلامتي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
ملاقات ۾ اردن جي ولي عهد شهزادو الحسين بن عبدالله دوم پڻ موجود هو. ٻنهي ڌرين باهمي دلچسپي جي معاملن، علائقائي صورتحال ۽ سلامتي جي چئلينجن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
فيلڊ مارشل عاصم منير، پاڪستان جي عوام، حڪومت ۽ مسلح افواج جي طرفان اردن جي بادشاهه کي نيڪ تمنائن جو پيغام ڏنو ۽ ٻنهي ملڪن جي برادرانه لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
اردن جي بادشاهه عبدالله دوم پاڪستان جي فوجي مهارت ۽ علائقائي امن لاءِ ڪيل ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.
عمان ۾ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف سان ملاقات
فيلڊ مارشل عاصم منير عمان جي جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ميجر جنرل يوسف احمد الحنيتي سان پڻ ملاقات ڪئي. جنرل هيڊڪوارٽرز پهچڻ تي فيلڊ مارشل جو شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
ميجر جنرل يوسف احمد الحنيتي پاڪستان جي مسلح افواج جي علائقائي سلامتي لاءِ ڪيل خدمتن جو اعتراف ڪندي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ امن ۽ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو.

