ٺٽو (بلاول سمون): ڪيٽي بندر جي جوهو شهر لڳ مڇي جو شڪار ڪري پيٽ گذر ڪندڙ ماھيگير ابو ملاح پراسرار بيماري جو شڪار ٿي بستري ڀيڙو ٿي ويو آهي.
ابو ملاح جو چوڻ آهي ته بيماري سبب سندس ٻانھن سُجي وئي آهي ۽ اندروني زخم مان پيپ نڪرڻ لڳي آهي، جنهن ڪري هو هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي ويو آهي.
هن افسوس جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته غربت سبب هو پنهنجو علاج ڪرائڻ کان قاصر آهي، جڏهن ته سندس ٻار فاقه ڪشي تي مجبور آهن. ابو ملاح ضلعي ٺٽو، سنڌ جي وس وارن، چونڊيل نمائندن ۽ ماھيگيري کاتي کان اپيل ڪئي آهي ته سندس علاج لاءِ قدم کنيا وڃن ته جيئن هو صحتياب ٿي پنهنجي خاندان جي خدمت ڪري سگهي.

