اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) — ورلڊ بئنڪ پاڪستان لاءِ پنهنجي ترقياتي رپورٽ 2025 ۾ خبردار ڪيو آهي ته ملڪ .۾ مهانگائيءَ جو طوفان ويجهو آهي، جنهن جو سبب حاليه ٻوڏون ۽ زرعي شعبي کي پهتل نقصان آهي.
رپورٽ موجب، پاڪستان جي معيشت کي ٻوڏن سبب شديد ڌڪ رسيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ روزمره جي شين جي قيمتون تيزيءَ سان وڌڻ جو امڪان آهي. ورلڊ بئنڪ جي اندازي مطابق، مهانگائيءَ جي شرح هن مالي سال لاءِ 7.2٪ ۽ ايندڙ سال لاءِ 6.8٪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته غربت جي شرح 21.5٪ تائين پهچڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته صرف ٽئريف سڌارا (ٽيرف ريفامز) برآمدات وڌائڻ لاءِ ڪافي نه آهن. حڪومت کي برآمدات کي ترجيحي ايجنڊا طور اختيار ڪرڻو پوندو. ورلڊ بئنڪ تجويز ڏني آهي ته ترسيل رقم (ريميٽينسز) ۾ واڌ سان درآمدات ۽ برآمدات جي وچ ۾ فرق گهٽائي سگهجي ٿو، ۽ قومي ٽئريف پاليسي تي مڪمل عملدرآمد ضروري آهي.
اقتصادي واڌ بابت رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2025 ۾ GDP واڌ 3٪ تائين پهتي، جيڪا گذريل سال جي 2.6٪ جي مقابلي ۾ بهتر آهي. صنعتي ۽ خدمتي شعبن ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي، جڏهن ته زرعي شعبو دٻاءُ هيٺ رهيو. مالي نظم (فزيڪل ڊسيپلين) سان مهانگائي تي ڪنٽرول رکڻ ۾ مدد ملي، ۽ 2027 تائين واڌ جي شرح 3.4٪ تائين پهچڻ جي اميد ظاهر ڪئي وئي آهي.
ورلڊ بئنڪ پاڪستان کي اصلاحاتي ايجنڊا جاري رکڻ، ٽئڪس نظام وسيع ڪرڻ، عوامي شعبي جي سڌارن ۽ نجيڪاري جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي صلاح ڏني آهي. رپورٽ ۾ اهو به نمايان ڪيو ويو آهي ته هر سال 1.6 ملين نوجوان روزگار جي مارڪيٽ ۾ داخل ٿين ٿا، جنهن لاءِ مضبوط اقتصادي واڌ، سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري ماحول جي ضرورت آهي.
رپورٽ جي روشنيءَ ۾، پاڪستان کي مهانگائيءَ جي طوفان کان بچڻ لاءِ فوري قدم کڻڻا پوندا — جن ۾ زرعي بحالي، برآمدات جي واڌ، آمدني جا نوان ذريعا، ۽ مالي سڌارا شامل آهن.

