سلمان خان جي ميزبانيءَ ۾ هلندڙ ريئلٽي شو “بگ باس” نون الزامن ۽ تڪرارن جي ور چڙهي ويو، جنهن سبب شو جي مقبوليت ۾ گهٽتائي اچڻ لڳي آهي.
هن هفتي شو مان ٻه مهمان، مقابلي حسن جي فاتح نيهال ۽ ايم ٽي وي روڊيز مان مشهور ٿيل بصير علي کي ٻاهر ڪيو ويو، جنهن بعد سوشل ميڊيا تي صارفين پاران بگ باس انتظاميه تي ناانصافي ۽ جانبداري جا الزام لڳايا ويا.
صارفين جو چوڻ آهي ته بصير علي شو جي شروعات کان ئي ٽاپ فائيون فائنلسٽس ۾ شمار ٿيندو رهيو، سندس راند ٻين ميمبرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ دلچسپ ۽ جاندار هئي، پر ووٽنگ جو جواز ڏيئي هن کي غير منصفانه طريقي سان شو مان ڪڍيو ويو.
شو جي ٻين ميمبرن به بصير جي نيڪالي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي، جڏهن ته فرحانه ڀٽ شو دوران تبصرو ڪندي چيو ته “عوام جي ووٽ کان اڳ انتظاميه جو فيصلو اهم هوندو آهي.”
گذريل ڪجهه وقت کان بگ باس تي اسڪرپٽڊ هجڻ جا الزام لڳندا رهيا آهن، پر تازن واقعن بعد صارفين جي دلچسپي گهٽجڻ لڳي آهي، جنهن سبب شو جي مقبوليت تي منفي اثر پئجي رهيو آهي.

