رمله (م ڊ) فسلطيني صدر محمود عباس آمريڪا ۽ اسرائيل سان سمورا معاهدا ختم ڪري ڇڏيا. رمله ۾ فلسطيني قيادت سان هڪ ملاقات کانپوءِ محمود عباس چيو ته اسان جي حڪومت اڄ کان اهڙن سمورن معاهدن کان آجي آهي، انهن ۾ سلامتي جي حوالي سان سهڪار پڻ شامل آهي. فلسطيني صدر، اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو طرفان يهودي وسندي جي اڏاوت ۽ والاريل اولهه اردن ۾ اردن ماٿري جي حوالي سان منصوبن جي ردعمل ۾ اهو اعلان ڪيو آهي. ان علائقي کي اقتصادي طور انتهائي اهم قرار ڏنو ويندو آهي.
فسلطين جو آمريڪا ۽ اسرائيل سان سمورا معاهدا ختم ڪرڻ جو اعلان
Subscribe
By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

