اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ حيران ڪندڙ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ممڪن ايٽمي جنگ سندس مداخلت سبب روڪجي وئي، جتي پاڪستان جي فيلڊ مارشل عاصم منير کي هن “زبردست فائٽر” قرار ڏنو.
ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته جڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي هئي ۽ طيارا ماريا پئي ويا، تڏهن هن نريندر مودي ۽ پاڪستاني قيادت سان رابطو ڪري خبردار ڪيو ته جنگ جي صورت ۾ آمريڪا تجارتي معاهدا ختم ڪري ڇڏيندو. ٻنهي ملڪن جي سخت ردعمل باوجود، صرف ٻن ڏينهن اندر جنگ جو خطرو ٽري ويو.
صدر ٽرمپ جو چوڻ هو، “عاصم منير اهڙو سپاهي آهي، جنهن جي بهادري سان دنيا جنگ جي دهليز تان واپس موٽي آئي.” هن طنزيه انداز ۾ چيو، “ڇا بائيڊن اهڙو ڪم ڪري سگهي ها؟ مون کي ته نه ٿو لڳي!”
هي بيان عالمي سطح تي پاڪستان جي عسڪري قيادت جي بهادري، حڪمت عملي ۽ خطي ۾ امن جي ڪوششن کي اجاگر ڪري ٿو — خاص طور تي فیلڊ مارشل عاصم منير جي ڪردار کي، جنهن خاموشي سان جنگ کي روڪائي، دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو.

