اسلام آباد (بيورو) تڪراري ٽوئٽ ڪيس جي ٻڌڻي دوران اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي ايمان مزاري جي مڙس هادي علي چٺي کي عدالت مان ٻاهر نڪرندي ئي گرفتار ڪيو ويو.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا جي حڪم تي هادي علي چٺي لاءِ ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا.
عدالتي ڪارروائي کان پوءِ، جڏھن هادي علي چٺي عدالت مان ٻاهر نڪتو، تڏھن ئي قانون نافذ ڪندڙ ادارن کيس حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
هي گرفتاري ايمان مزاري ۽ سندس مڙس خلاف هلندڙ متنازع ٽوئٽ ڪيس جي سلسلي ۾ هڪ اهم قدم طور ڏٺو پيو وڃي.

