ڊيره مراد جمالي (ويب ڊيسڪ) – بلوچستان جي شهر ڊيره مراد جمالي ۾ شاهه پيٽرول پمپ ڀرسان گشت تي مامور پوليس موبائل تي نامعلوم ماڻهن هٿان دستی بم حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن پوليس اهلڪارن سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.
ايس ايس پي غلام سرور ڀايو موجب، حملو بدھ ڏينهن ٿيو، جتي پوليس گاڏي تي اچانڪ بم اڇلايو ويو. ڌماڪي کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.
زخمين ۾ هي نالا شامل آهن:
- پوليس اهلڪار شمس الدين
- پوليس اهلڪار عبدالرشيد جونيجو
- گل بابو
- مهد
- سيد خان
- نذير سولنگي
- احمد
- برڪت ابڙو
- محمد نواز ڀنگر
- محمد اسحاق مينگل
- امام بخش
ڌماڪي کان پوءِ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي، علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو. زخمين کي ترت قريبي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي انهن کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.
پوليس موجب، حملو ڪندڙن جي سڃاڻپ لاءِ جاچ جاري آهي، ۽ علائقي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي.

