اسلام آباد (نمائندو خصوصي) – پاڪستان پيپلزپارٽي (پي پي پي) آزاد ڪشمير ۾ نئين حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، پر اڃا تائين نئين وزيراعظم جو نالو سامهون ناهي آيو. پارٽي جي مرڪزي قيادت جي مشاورت کان پوءِ نالي جو باضابطه اعلان پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڻ ڪندا.
پارٽي ذريعن موجب، وزارت عظميٰ لاءِ مختلف امڪاني اميدوارن جا نالا غور هيٺ آهن، جن ۾ چوڌري ياسين، لطيف اڪبر ۽ سردار يعقوب شامل آهن. حتمي فيصلو قيادت جي مشاورت کان پوءِ ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جلد آزاد ڪشمير جي نئين وزيراعظم جو نالو اعلان ڪندا، جنهن بعد حڪومت سازي جو عمل اڳتي وڌايو ويندو.
پارٽي جي اندروني حلقن موجب، نئين قيادت جي چونڊ سان گڏ آزاد ڪشمير ۾ پيپلزپارٽي جي پاليسين کي نئين رخ ڏيڻ جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي.

