ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري طرفان “سندھ ايگريڪلچرل انڪم ٽيڪس ايڪٽ 2025 (ترميمي) آرڊيننس” جاري ڪيو ويو، جنهن تحت صوبه سنڌ جي آبادگارن کي زرعي آمدني تي ٽيڪس جي مد ۾ گهڻو رليف ڏنو ويو آهي.
ترميمي آرڊيننس موجب، زرعي انڪم ٽيڪس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 15 نومبر 2025 مقرر ڪئي وئي آهي. ان قدم جو مقصد آبادگارن کي مالي سهولت ڏيڻ ۽ زرعي شعبي جي ترقي کي هٿي وٺرائڻ آهي.
گورنر اميد ظاهر ڪئي ته هي قدم صوبائي زرعي پاليسين کي مضبوط ڪندو ۽ آبادگارن جي معاشي حالت ۾ بهتري آڻيندو. زرعي شعبي جي واڌاري سان گڏوگڏ روزگار جا نوان موقعا به پيدا ٿيندا.

