لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي نئين طريقيڪار تحت 11 ٽرينون کي آوٽ سورس ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جن جي لاءِ بڊز جي بدران اوپن نيلامي ڪئي ويندي. ريلوي اختيارين طرفان ان حوالي سان باقاعده اشتهار جاري ڪيو ويو آهي.
ريلوي جي ترجمان موجب، آوٽ سورس ٿيندڙ ٽرينن ۾ هي ٽرينون شامل آهن:
- هزارہ ايڪسپريس
- بهاالدين زڪريا ايڪسپريس
- ملت ايڪسپريس
- بدر ايڪسپريس
- غوري ايڪسپريس
- راول ايڪسپريس
- ٿل ايڪسپريس
- موئن جو دڙو پسنجر
- فريد ايڪسپريس
- ميانوالي ايڪسپريس
- فيض احمد فيض پسنجر
ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته انهن ٽرينن جي اوپن نيلامي 20 نومبر 2025 تي ڪئي ويندي.
اڳوڻيون بڊز ۽ نئون فيصلو
ان کان اڳ، 9 ٽرينن کي پرائيويٽ سيڪٽر جي سهڪار سان هلائڻ لاءِ ريلوي کي 7 ارب 90 ڪروڙ رپين جون فنانشل بڊز ملي چڪيون هيون، پر وفاقي وزير ريلوي حنيف عباسي انهن بڊز کي منسوخ ڪري ڇڏيو.
وزير ريلوي جي هدايت تي فيصلو ڪيو ويو ته مستقبل ۾ ٽرينن کي آوٽ سورس ڪرڻ لاءِ شفاف اوپن نيلامي جو طريقو اختيار ڪيو ويندو، جنهن سان نجي شعبي جي شموليت سان ريلوي جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جو امڪان آهي.

