ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس پاران جديد ۽ خودڪار فِيس ليس اي ٽڪٽنگ نظام جي نفاذ کانپوءِ ٽن ڏينهن دوران ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙين تي مجموعي طور تي 12,942 اي چالان جاري ڪيا ويا، جن جي ماليت ساڍا 6 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي.
ٽريفڪ پوليس جي انگن اکرن موجب، سڀ کان وڌيڪ چالان سيٽ بيلٽ نه لڳائڻ تي جاري ڪيا ويا، جن جو انگ 7,083 آهي. بغير هيلمٽ موٽرسائيڪل هلائڻ تي 2,456، اوور اسپيڊنگ تي 1,920، سگنل تي ريڊ لائن جي ڀڃڪڙي تي 829، ڊرائيونگ دوران موبائل فون استعمال ڪرڻ تي 410 ۽ غلط رستي تي هلڻ تي 78 چالان جاري ڪيا ويا.
ان کان علاوه، غلط سمت ڊرائيونگ تي 78، لين لائن جي غلط استعمال تي 49، ڪارا شيشا لڳائڻ تي 35، اوور لوڊنگ تي 26، غيرقانوني پارڪنگ، اسٽاپ لائن جي ڀڃڪڙي ۽ غلط پارڪنگ تي 20، 20 چالان جاري ڪيا ويا. بس جي ڇت تي مسافر ويهارڻ، ون وي ۽ رانگ وي جي ڀڃڪڙي تي پڻ 7 کان 11 چالان جاري ٿيا.
ٽريفڪ پوليس موجب، فينسي نمبر پليٽ، ٽيڪس جي عدم ادائيگي، بس لين ڊرائيونگ، اسٽاپ لائن جي ڀڃڪڙي ۽ اوچتو لين تبديلي تي في الحال ڪو اي چالان جاري نه ڪيو ويو آهي.
اداري جو چوڻ آهي ته جديد نظام جي ذريعي نگراني جو عمل تيز ڪيو ويو آهي، جنهن سان قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي وڌيڪ مؤثر بڻجي وئي آهي.

