اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پاران مرد افغان شهري کي پاڪستاني عورت سان شادي جي بنياد تي شهريت ڏيڻ بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو عارضي طور معطل ڪيو ويو آهي. جسٽس شاهد وحيد جي سربراهيءَ ۾ ٽن رڪني بينچ هن معاملي جي ٻڌڻي ڪئي، جتي ايڊيشنل اٽارني جنرل رانا اسد الله عدالت آڏو پيش ٿيو.
ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته وفاقي حڪومت پشاور هاءِ ڪورٽ جي 1 ڊسمبر 2023 واري فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي آهي. ان فيصلي ۾ چيو ويو هو ته جيڪڏهن ڪو مرد افغان شهري پاڪستاني عورت سان شادي ڪري ته کيس پاڪستان اوريجن ڪارڊ (پي او سي) ۽ شهريت ڏني وڃي پر حڪومت شهريت ڏيڻ واري حصي تي اعتراض ظاهر ڪيو آهي.
جسٽس مسرت هلالي ٻڌڻي دوران سوال ڪيو ته شهريت ڏيڻ جي قانوني بنياد ڇا آهي ۽ ڪيترا درخواست ڏيندڙ سامهون آيا آهن؟ جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته 117 درخواستون ملي چڪيون آهن. جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏيندي چيو: “اهي ته صرف اهي آهن، جيڪي سامهون آيا آهن.”
نادرا جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته پاڪستاني عورت سان شادي ڪندڙ افغان شهري لاءِ ويلڊ ويزا جي شرط پڻ لاڳو آهي. جسٽس مسرت هلالي چيو ته اهو ڏسڻ ضروري آهي ته ڪو شخص ديوار ٽپي آيو يا دروازي مان داخل ٿيو.
ايڊيشنل اٽارني جنرل وڌيڪ ٻڌايو ته پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ توهين عدالت جون درخواستون پڻ داخل ٿي رهيون آهن.
سپريم ڪورٽ فريقين کي نوٽيس جاري ڪندي پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.

