راولپنڊي: ڀارتي فوج طرفان لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) تي بنا سبب فائرنگ جو سلسلو جاري آهي ۽ مسلسل جنگبندي واري معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب ڀارتي فوج طرفان ايل او سي تي بنا سبب فائرنگ ڪئي وئي ۽ نڪيال سيڪٽر ۾ مارٽرز ۽ آٽوميٽڪ هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج طرفان ايل او سي تي شهري آبادي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو پيو وڃي جنهن جي ڪري ايل او سي جي کني ۽ اولي ڳوٺ جا 3 شهري سخت زخمي ٿي پيا. ڀارتي فوج جي بنا سبب فائرنگ سبب زخمي ٿيل سمورن ماڻهن کي ويجهين اسپتالن ۾ پهچايو ويو. ٻئي پاسي اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي سينيئر اهلڪار کي پرڏيهي کاتي طلب ڪري پاڪستان طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو آهي.
ڀارتي فوج جي ايل او سي تي بنا سبب فائرنگ، 3 شهري زخمي
Subscribe
By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

