راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ٻن علائقن ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائيون ڪندي فتنته الهندستان سان لاڳاپيل 18 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب، 28 ۽ 29 آڪٽوبر تي ڪوئٽه جي چلتن جبلن ۽ ڪيچ جي بليده علائقي ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيا ويا.
پهريائين آپريشن دوران 14 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ٻئي آپريشن ۾ 4 دهشتگرد ماريا ويا. ٻنهي ڪارروائين دوران گهڻي مقدار ۾ هٿيار، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ آيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئا.
سڪيورٽي فورسز طرفان علائقن ۾ سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهن ته جيئن ڀارتي پراڪسي فتنته الهندستان سان لاڳاپيل باقي دهشتگردن جو خاتمو ڪري سگهجي.
وزيراعظم ۽ وفاقي وزير جي ڀيٽا
وزيراعظم شهباز شريف سڪيورٽي فورسز کي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن فورسز جي حوصلن ۽ عزم کي سلام پيش ڪيو.
وفاقي وزير داخلا محسن نقوي به آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ پيشه ورانه صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته فورسز فتنته الخوارج جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.
عزمِ استحڪام تحت دهشتگردي خلاف جنگ جاري.
آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عزمِ استحڪام جي ويزن تحت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مڪمل طاقت سان سرگرم آهن، ته جيئن ملڪ مان غير ملڪي پشت پناهيءَ وارن دهشتگردن جو مڪمل خاتمو ممڪن بڻجي.

