ممبئي (شوبز ڊيسڪ) ڀارتي فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪارا رشميڪا مندانا طرفان اداڪار وجي ديورڪونڊا سان مڱڻيءَ جي خبرن تي آخرڪار ردعمل اچي ويو، جيڪو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيو آهي.
ڏکڻ ڀارت جي ميڊيا موجب، تيلگو سينيما جي هن مشهور جوڙي بابت 2018 ۾ فلم گيتا گووندَم کانپوءِ ويجهي لاڳاپن جون ڳالهيون گردش ۾ آهن، پر ٻنهي اداڪارن پنهنجي رشتي بابت خاموشي اختيار ڪئي آهي.
تازو هڪ فلم جي تشھير دوران جڏهن رشميڪا کان وجي سان منڱڻي بابت سوال ڪيو ويو ته هن مرڪندي چيو، “سڀني کي سڀ خبر آهي”. مداحن ۽ ميڊيا هن جملي کي رشتو قبولڻ جو اشارو قرار ڏنو.
ان کان علاوه، رشميڪا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ کاٻي هٿ تي چمڪندڙ انگوٺي سڀني جي نظر جو مرڪز بڻجي وئي. ڀارتي ميڊيا جو دعويٰ آهي ته اها انگوٺي منگنيءَ جي نشاني آهي.
ياد رهي ته ڪيترين ئي رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته رشميڪا ۽ وجي ايندڙ سال شاديءَ جي بندھن ۾ ٻڌجڻ جا امڪان آهن.

