باجوڙ(ويب ڊيسڪ) سڪيورٽي فورسز پاڪ-افغان سرحد تان دهشتگردن جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي، انتهائي گهربل خارجي ڪمانڊر امجد سميت چار دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب، باجوڙ ۾ ٿيل ڪارروائي دوران مارجي ويل دهشتگردن ۾ فتنته الخوارج جو سربراهه امجد شامل هو، جيڪو نور ولي جو نائب ۽ ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد تنظيم جي قيادت ۾ سرگرم هو. پاڪستاني حڪومت هن تي 50 لک رپين جي انعامي رقم مقرر ڪئي هئي.
فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته امجد افغانستان ۾ ويهي پاڪستان اندر دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث رهيو. فتنته الخوارج جي قيادت افغان سرزمين کي محفوظ پناهه گاهه طور استعمال ڪندي پاڪستان ۾ دراندازي جي ڪوششن ۾ لڳل آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته عبوري افغان حڪومت کي گهرجي ته هو خارجي پراڪسي تنظيمون پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻي.
ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته هي ڪارروائي ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي ته فتنته الخوارج جا دهشتگرد افغان سرزمين کي مسلسل محفوظ هنڌ طور استعمال ڪري رهيا آهن، جيڪو پاڪستان جي سلامتي لاءِ خطرو آهي.
سڪيورٽي فورسز ملڪ جي سرحدن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهن، ۽ علائقي ۾ موجود ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي.
وزيراعظم شهباز شريف باجوڙ ۾ ٿيل ڪامياب آپريشن تي سڪيورٽي فورسز جي بهادري کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته فورسز خارجي ڪمانڊر امجد کي جهنم واصل ڪري پاڪستان جي دشمنن جا ارادا ناڪام ڪري ڇڏيا.
هن چيو ته بيگناھ شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن کي ساڳي انداز ۾ شڪست ڏني ويندي، ۽ حڪومت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي.

