ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ طرفان اي-ٽڪيٽنگ سسٽم تحت ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙين بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن موجب 35 سرڪاري گاڏين کي مختلف خلاف ورزين تي اي-چالان جاري ڪيا ويا آهن.
رپورٽ موجب، سيٽ بيلٽ نه لڳائڻ، ڳاڙهي بتي ڪراس ڪرڻ، ڪارا شيشا لڳائڻ ۽ ڊرائيونگ دوران موبائل فون استعمال ڪرڻ جهڙين ڀڃڪڙين تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. وڏي وزير اڳ ئي آءِ جي کي هدايت ڪئي هئي ته نئين سسٽم تحت جاري ٿيندڙ پهرين اي-چالان بابت تفصيل پيش ڪيا وڃن.
رپورٽ ۾ ظاهر ڪيو ويو ته پوليس ڊپارٽمينٽ جي گاڏي (SPE-950) کي 28 آڪٽوبر 2025 تي لياري ايڪسپريس وي تي سيٽ بيلٽ نه لڳائڻ تي ڏنڊ ڪيو ويو. ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه ٻڌايو ته ساڳي گاڏي ٻه ڀيرا بغير سيٽ بيلٽ جي ڊرائيونگ ڪندي ڏٺي وئي، جنهن تي خودڪار نظام تحت 10 هزار رپين جو چالان جاري ٿيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي، پوليس کي به عمل ڪرڻو پوندو. هن هدايت ڪئي ته جيڪي شهري پهريون ڀيرو قانون ڀڃن، اهي ڏهه ڏينهن اندر ذاتي طور پيش ٿي معافي نامو جمع ڪرائين ته چالان منسوخ ڪري سگهجي ٿو.
هن اي-ٽڪيٽنگ سسٽم کي شفافيت، نظم ۽ انصاف جي علامت قرار ڏيندي چيو ته عوامي حفاظت لاءِ ٽريفڪ قانونن تي عملدرآمد انتهائي ضروري آهي. پهريون ڀيرو ڀڃڪڙي ڪندڙن کي رعايت ڏني وڃي، پر ٻيهر خلاف ورزي ڪندڙن تي ڏنڊ هر صورت لاڳو ڪيو وڃي.
وڏي وزير سنڌ پوليس کي جديد نظام لاڳو ڪرڻ تي ساراهيندي چيو ته هي نظام نظم و ضبط ۽ شفافيت کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته قانون اڳيان سڀ شهري برابر آهن ۽ عملدرآمد هر سطح تي يقيني بڻايو وڃي.


