اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي وزير دفاع خواجا آصف افغان وفد جي بيان کي بي بنياد ۽ غير منطقي قرار ڏيندي سخت تنقيد ڪئي آهي. هن چيو ته ٽي ٽي پي جي دهشتگردن کي افغان سرزمين تي پناهگير طور پيش ڪرڻ جو دعويٰ مذاق برابر آهي۔
واضح رهي ته استنبول ۾ ٿيل ڳالهين دوران افغان وفد دعويٰ ڪئي هئي ته ٽي ٽي پي جا ماڻهو پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃي رهيا آهن، جنهن تي خواجا آصف سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ڏنو۔
Afghan delegation’s claim that TTP terrorists are actually Pakistani refugees returning to their homes, absurd. He questioned how these so-called refugees could be returning armed with highly destructive weapons, not traveling openly by buses, trucks, or cars on main roads, but…
— Khawaja M. Asif (@KhawajaMAsif) October 30, 2025
بچاءَ واري وزير سوال ڪيو ته “اهي ڪهڙا پناهگير آهن، جيڪي تباه ڪن هٿيارن سان ليس ٿي واپس وڃن ٿا؟”
هن وڌيڪ چيو ته اهي ماڻهو روڊن يا گاڏين ذريعي نه، پر چورن وانگر جبلن جي ڏکين رستن مان پاڪستان ۾ داخل ٿي رهيا آهن۔
خواجا آصف افغاني وفد جي موقف کي نيت جي بي ايماني ۽ خلوص جي کوٽ جو عڪاس قرار ڏنو ۽ چيو ته اهڙو بيان سندن ڪمزوري ۽ غير سنجيدگي کي ظاهر ڪري ٿي۔
بچاءُ واري وفاقي وزير خبردار ڪيو ته جيڪڏهن افغان سرزمين پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ڪئي وئي ته پاڪستان هر قيمت تي جواب ڏيندو۔

