ممبئي: بالي ووڊ جي مشهور ۽ عالمي شهرت رکندڙ اداڪار دهرميندر سنگھ، جيڪو ڪجهه ڏينهن ۾ 90 سال جو ٿيڻ وارو آهي، طبيعت خراب ٿيڻ سبب بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، دهرميندر جي بيماري جي خبر تي اسپتال ٻاهران مداحن ۽ ميڊيا جو وڏو ميڙ گڏ ٿي ويو آهي. شعلے، ڌرم وير، زمانه تو ہے نوکر بیوی کا ۽ يملا پگلا ديوانا جهڙين سپر هٽ فلمن سان شهرت ماڻيندڙ هن ليجنڊري اداڪار جي بيماري مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.
تازو ئي دهرميندر جي هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ هو 89 ورهين جي عمر ۾ ڀنگڙو ڪندي نظر آيو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سندس صحت قابل رشڪ هئي. تنهن هوندي، هاڻي اچانڪ بيماري جي خبر سان تشويش جي لهر ڇانئجي وئي آهي.
دهرميندر جي پٽن سني ديول ۽ بوبي ديول موجب، سندن والد جي حالت خطر کان ٻاهر آهي. ڪجهه ضروري ٽيسٽون ڪرايون ويون آهن، ۽ عمر سان لاڳاپيل عام طبي مسئلن سبب اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته هو جلد ئي گهر واپس اچي ويندو.

