تنزانيه (ويب ڊيسڪ) تنزانيه جي صدر ساميه سُلوحو حسن ٻيهر صدر چونڊجي ويئي آهي، جتي اليڪشن ڪميشن موجب هن 97.66سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا ۽ ملڪ جي تقريباً سڀني حلقن مان برتري حاصل ڪئي. حلف برداري جي تقريب اڄ منعقد ٿيڻ واري آهي، پر چونڊ نتيجن خلاف ملڪ گير احتجاجن جو سلسلو جاري آهي، جن ۾ تشدد سبب 700 کان وڌيڪ ماڻهن جي هلاڪت جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
اپوزيشن جماعت چادمه پارٽي جي دعويٰ آهي ته مظاهرا سختي سان دٻايا ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جو چوڻ آهي ته هلاڪتن جو انگ 5 کان وڌيڪ ناهي. احتجاجن دوران مظاهرين صدر ساميه جي تصويرن وارا پوسٽر ڦاڙي ڇڏيا ۽ دارالحڪومت ۾ سرڪاري عمارتن کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن جي جواب ۾ پوليس پاران آنڌو گئس ۽ هوائي فائرنگ ڪئي وئي.
چونڊن کان اڳ، حزبِ اختلاف جي اهم اميدوارن کي اليڪشن مان ٻاهر ڪيو ويو ۽ ڪيترائي اڳواڻ جيل ۾ قيد آهن، جنهن سبب چونڊن تي غير منصفانه هجڻ جا الزام لڳايا پيا وڃن.
صدر ساميه حسن، جيڪا 2021 ۾ اڳوڻي صدر جان ماغوفولي جي اوچتو وفات کانپوءِ عهدي تي آئي، تنزانيه جي پهريئن چونڊيل عورت صدر آهي. هن وقت تائين، ساميه حسن پاران چونڊ نتيجن يا تشدد بابت ڪو بيان جاري نه ٿيو آهي

