ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ هڪ ڏينهن جي وقفي کان پوءِ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي، جنهن سبب پاڪستان ۾ سونو خريد ڪرڻ وارن لاءِ ڪجهه رليف آيو آهي.
عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس سوني جي قيمت 16 ڊالر گهٽجي 4,002 ڊالر تي اچي وئي
پاڪستان ۾ في تولي سونو 1,600 رپيا گهٽجي 4,22,562 رپيا تي پهچي ويو
في 10 گرام سوني جي قيمت 1,372 رپيا گهٽجي 3,62,278 رپيا ٿي وئي
ماهرن جو چوڻ آهي ته هي گهٽتائي عالمي ڪرنسي مارڪيٽن جي تبديلي ۽ سيڙپڪارن جي محتاط رويي سبب ٿي آهي. سون جي قيمت ۾ لاٿ سان گڏ چاندي جي قيمت به گهٽجي 5,127 رپيا في تولي تي اچي وئي آهي.
جيڪڏهن توهان سوني ۾ سيڙپ ڪرڻ جو ارادو رکو ٿا، ته هي وقت مارڪيٽ جي نگراني لاءِ اهم ٿي سگهي ٿو.

