راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان جي آزادي جي تاريخي ڏينهن، 1 نومبر جي موقعي تي پاڪستاني فوج جي شعبه تعلقاتِ عامه آءِ ايس پي آر پاران وطن سان محبت سان ڀريل نئون قومي نغمو “پاڪستان جي شان – گلگت بلتستان” جاري ڪيو ويو آهي۔
هي نغمو گلگت بلتستان جي نوجوان ڳائڻن جي آواز ۾ پيش ڪيو ويو، جيڪو خطي جي عوام جي پاڪستان سان جذباتي، تاريخي ۽ لازوال رشتن جي عڪاسي ڪري ٿو۔ نغمي ۾ انهن بهادر شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو آهي، جن مادرِ وطن جي حفاظت لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون۔
گيت جي بولن ۾ اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته جيڪو به پاڪستان ڏانهن ميلو نگاهه سان ڏسندو، ان کي ذلت ۽ رسوائي جو منهن ڏسڻو پوندو۔ نغمي ۾ اتحاد، محبت ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم ڪرڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي ته جيئن ملڪ جو روشن مستقبل يقيني بڻجي سگهي۔
ياد رهي ته 1 نومبر 1947 تي گلگت بلتستان جي عوام، گلگت اسڪاوٽس ۽ مقامي جانبازن سان گڏجي ڊوگرا راج خلاف اعلانِ جنگ ڪيو، جنهن بعد مهاراجه جو ڪنٽرول ختم ڪيو ويو ۽ گلگت جي فضائن ۾ پهريون ڀيرو پاڪستاني جهنڊو لڙڪايو ويو۔
ان کان پوءِ، 14 آگسٽ 1948 تي بلتستان کي به هندستان جي تسلط کان آزاد ڪرايو ويو۔ گلگت بلتستان جي عوام جي اها جدوجهد اڄ به هڪ تاريخي فتح ۽ عظيم معرڪو سمجهي وڃي ٿي۔
گلگت بلتستان جو منفرد محلِ وقوع ان کي دفاعي، سياحتي، معاشي ۽ ثقافتي لحاظ کان انتهائي اهميت وارو خطو بڻائي ٿو، جتي وطن سان محبت جو جذبو هر دل ۾ ڌڙڪندو آهي۔

