ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي پير محمد شاهه اعلان ڪيو آهي ته شهر جي سڀني اهم شاهراهن تي گاڏين جي رفتار جي حد مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن تحت موٽر سائيڪل ۽ هلڪي گاڏين (LTV) لاءِ رفتار جي حد 60 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ۽ وزني گاڏين (HTV) لاءِ 30 ڪلوميٽر في ڪلاڪ مقرر ڪئي وئي آهي۔
هن ٻڌايو ته رفتار جي نگراني لاءِ ڪئميرا ۽ ماپ جو نظام لڳايو پيو وڃي، جڏهن ته ايندڙ سال تائين ٽريفڪ مينيجمينٽ سسٽم مڪمل طور تي نافذ ڪيو ويندو۔ جنوري 2026 کان شهر ۾ 11 هزار نوان ڪئميرا لڳائڻ جو ڪم شروع ٿيندو، جيڪو مرحليوار مڪمل ڪيو ويندو۔
ڊي آءِ جي موجب، ٽريڪس سسٽم ڪراچي جي 40 سيڪڙو علائقن ۾ فعال ٿي چڪو آهي، جيڪو 1717 ڪئميرائن سان ڳنڍيل آهي۔ هن سسٽم تحت اوور اسپيڊ، غلط رخ، هيلمٽ نه پائڻ، سيٽ بيلٽ نه لڳائڻ، سگنل ٽوڙڻ سميت ٻين خلاف ورزين تي اي چالان جاري ڪيا پيا وڃن۔
هن ٻڌايو ته ضلع ساؤٿ، شاهراهه فيصل، ملير، ڪورنگي، شرقي، ڪياماڙي ۽ وچولي ضلعن جي مختلف شاهراهن تي ٽريڪس سسٽم ذريعي ٽريفڪ قانونن جي خلاف ورزين تي ڪارروائي ٿي رهي آهي۔ صنعتي زونز جهڙوڪ سائٽ، لانڍي، نيو ڪراچي، ڪورنگي وغيره تي به جلد اسپيڊ مانيٽرنگ ۽ ٽريڪس سسٽم لاڳو ڪيو ويندو۔
پير محمد شاهه ٻڌايو ته 10 هزار وزني گاڏين ۾ ٽريڪرز لڳائي انهن کي ٽريڪس سان ڳنڍيو پيو وڃي، جنهن سان انهن جي نگراني ممڪن ٿيندي۔ هن چيو ته اي چالان سسٽم امير ۽ غريب جي وچ ۾ فرق نٿو ڪري، جيڪو قانون ٽوڙيندو، ان کي چالان ضرور ملندو۔
8 نومبر کان هڪ مهيني لاءِ ٽريفڪ قانونن جي آگاهي مهم هلائي ويندي، جنهن ۾ شهرين کي قانونن جي اهميت ۽ ٽريڪس سسٽم جي افاديت بابت آگاهي ڏني ويندي۔ ڊي آءِ جي شهرين کي اپيل ڪئي ته هيلمٽ پائين، گاڏين ۾ سائيڊ گلاس، فرنٽ ۽ بيڪ لائيٽ لڳائين، ۽ مقرر رفتار تي گاڏي هلائين ته جيئن انساني جانيون بچائي سگهجن۔
هن وڌيڪ چيو ته غير قانوني پارڪنگ، حددخلين ۽ شاهراهن تي رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ڪم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته خراب سگنلن جي مرمت جو عمل به جاري آهي۔ ٽريڪس سسٽم ابتدائي مرحلي ۾ آهي، خاميون ختم ڪري سڌارا آڻيا پيا وڃن، ۽ ايندڙ 2 کان 3 مهينن ۾ ٽريفڪ حادثن ۽ جام جي شڪايتن ۾ نمايان گهٽتائي متوقع آهي۔

