بن گوير وڊيو ۾ چوي ٿو: “اهي ماڻهو اسان جي ٻارن ۽ عورتن کي مارڻ آيا هئا، هاڻ انهن لاءِ صرف موت ئي بچي آهي.” هن وڊيو سان گڏ هڪ پيغام به جاري ڪيو، جنهن ۾ هن جيلن ۾ سخت پاليسين کي پنهنجي ڪاميابي قرار ڏنو ۽ چيو ته “هاڻ اهي تفريحي ڪيمپ نه، خوف جون جڳهيون بڻجي چڪيون آهن.”
بن گوير خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سزاءِ موت جو قانون پارليامينٽ ۾ پيش نه ٿيو ته هو وزيراعظم نيتن ياهو جي حڪومت جي حمايت ختم ڪري ڇڏيندو۔ ان سان گڏ، اسرائيلي وزيرِ انصاف ياريو ليون اعلان ڪيو آهي ته هو خصوصي عدالتون قائم ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪري رهيا آهن، جيڪي 7 آڪٽوبر 2023 جي حملن ۾ ملوث جنگجؤن تي مقدما هلائينديون ۽ سزاءِ موت ڏئي سگهنديون۔
هي وڊيو عالمي سطح تي انساني حقن جي ڀڃڪڙي طور ڏسڻ ۾ آئي آهي، جتي اسرائيل جي ظالمانه پاليسين تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي۔

