ڪراچي اوڀر رپورٽ: نواب علي ٻگھيو
سچل ڳوٺ جي گرائونڊ تي سنڌ جي اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز ڊپارٽمينٽ پاران سالياني روايتي ملاکڙي جو ميلو شاندار نموني سان منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان مشهور ملھ پهلوانن ڀرپور شرڪت ڪئي۔
ميلي جا خاص مهمان يو سي چيئرمين تاج محمد وساڻ، پ پ اڳواڻ حسين بخش ناريجو، اسماعيل شاهه، وهاب سومرو ۽ ٻيا معزز شخصيتون هيون، جڏهن ته سچل ڳوٺ جي سياسي، سماجي، علمي ۽ راندين سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن سميت وڏي انگ ۾ عام شهرين به شرڪت ڪئي۔
تقريب دوران مهمانن کي سنڌي ثقافت جي علامت اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا، جڏهن ته ملاکڙي ۾ سنڌ جي ناليوارن پهلوانن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي شاندار مقابلا پيش ڪيا، جن کي ڏسندڙن خوب داد ڏنو۔
ان موقعي تي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته: “اسان سنڌ حڪومت، خاص طور تي اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز جي وزير سردار محمد بخش خان مهر ۽ سيڪريٽري منور علي مهيسر جا ٿورائتا آهيون، جن سنڌ جي هن تاريخي ۽ ثقافتي راند کي ٻيهر زنده رکڻ لاءِ ميلو ڪرايو۔”
اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ملهه ملاکڙو سنڌ جي قديم ثقافتي راند آهي، جيڪا وقت سان گڏ ڪجهه علائقن ۾ گهٽجي وئي آهي، پر سچل ڳوٺ جا رهواسي اڄ به ان راند سان محبت ڪن ٿا ۽ وڏي جوش سان ان ۾ حصو وٺن ٿا۔
سچل ڳوٺ گرائونڊ تي سڄي سنڌ مان آيل پهلوانن ۽ ڏسندڙن جي شرڪت هن روايت کي نئين سر زنده ڪري ڇڏيو، جيڪو سنڌ جي ثقافتي ورثي جي واڌاري لاءِ هڪ مثبت قدم آهي۔