اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوهدري واضح طور تي چيو آهي ته پاڪستان جي سلامتي جي ضمانت صرف هٿياربند فوجن وٽ آهي، اها ضمانت ڪابل کي نه ڏني ويندي. هن چيو ته طالبان اسان جي سيڪيورٽي اهلڪارن جي سِرن سان فٽبال کيڏي رهيا آهن، اهڙن ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ممڪن ناهي.
سينيئر صحافين کي بريفنگ ڏيندي، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان ڪڏهن به طالبان جي اچڻ تي جشن نه مڃيو آهي. هن ٻڌايو ته ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمون خلاف ڪارروايون جاري آهن.
ڊرون حملن بابت سوال تي هن چيو ته امريڪا سان ڪو به معاهدو ناهي ۽ طالبان طرفان ڪابه باضابطه شڪايت نه آئي آهي. هن زور ڏنو ته افغانستان کي دهشتگردن جي پناهه گاهه نه بڻجڻ گهرجي ۽ جيڪي دهشتگرد آپريشن دوران ڀڄي افغانستان ويا، انهن کي پاڪستان حوالي ڪيو وڃي ته جيئن قانون تحت ڪارروائي ٿي سگهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته دهشتگردي، منشيات، اسمگلنگ ۽ ٽي ٽي پي جو ڳانڍاپو خطي ۾ خطرناڪ نيٽورڪ بڻجي چڪو آهي، جتي افيُون جي فصل مان في ايڪڙ 18 کان 25 لک رپيا آمدني حاصل ڪئي وڃي ٿي.
هن چيو ته وادي تيراهه ۾ فوجي آپريشن جي دعويٰ ناهي ڪئي وئي، البت انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ٿيا آهن جن ۾ 200 جوان شهيد ٿيا. فوجي عهدن جي تخليق ۽ گورنر راڄ بابت سوالن تي هن واضح ڪيو ته اهي فيصلا وفاقي حڪومت جي اختيار ۾ آهن.
استنبول ۾ ٿيندڙ بين الاقوامي ڪانفرنس بابت هن چيو ته پاڪستان جو موقف بلڪل صاف آهي، افغان زمين دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي، مداخلت نه ٿيڻ گهرجي، ۽ سيزفائر معاهدو پاڪستان جي طاقت سان ٿيو.
غزه ۾ فوج موڪلڻ بابت سوال تي هن چيو ته اهو حڪومت جو معاملو آهي، فوج جو نه. سرحدي صورتحال تي روشني وجهندي هن چيو ته افغانستان سان 2600 ڪلوميٽر ڊگهي سرحد آهي، جتي هر 25–40 ڪلوميٽر تي چوڪيون قائم آهن، پر هر هنڌ چوڪي قائم ڪرڻ ممڪن ناهي. هن الزام لڳايو ته افغان گارڊز دهشتگردن کي سرحد پار ڪرائڻ لاءِ پاڪ فوج تي فائرنگ ڪن ٿا، جنهن جو جواب ڏنو وڃي ٿو.
آخر ۾ هن چيو ته دهشتگردن سان ڳالهه ٻولهه جو خيال غلط آهي، ان سان رياستي موقف ۾ ابهم پيدا ٿئي ٿو، ۽ اهڙن عنصرن سان ڳالهه ڪرڻ ممڪن ناهي، جيڪي اسان جي اهلڪارن جي سِرن سان راند ڪن ٿا.

