ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ڪنگ خان، شاهرخ خان، پنهنجي 60هين سالگره جي موقعي تي هڪ خاص تقريب دوران پنهنجي ٻارن، سهانا خان ۽ آريان خان بابت دلچسپ انڪشاف ڪيو.
شاهرخ خان چيو ته هو پنهنجي ٻارن کي فلمي ڪيريئر بابت ڪو مشورو نه ٿو ڏئي، صرف سندن ڪم جي ساراهه ڪري ٿو.
هن وضاحت ڪندي چيو: “تخليقي ماڻهو پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندا آهن، انهن کي گهڻي سمجهاڻي جي ضرورت ناهي.”
شاهرخ خان وڌيڪ چيو: “مان انهن جو والد آهيان، ۽ جيڪڏهن مان 35 سالن جي تجربن کان پوءِ کين ڪجهه سيکارڻ جي ڪوشش ڪندس ته شايد انهن کي لڳي ته پاپا جي ڳالهه مڃڻي پوندي، جيڪو مان نٿو چاهيان.”
هن چيو ته سهانا اداڪاري ڪري رهي آهي ۽ آريان لکڻ ۽ هدايتڪاري ۾ مصروف آهي. “هو پاڻ ڪم ڪن ٿا، ۽ جڏهن راءِ گهرن ٿا ته مان ڏيندو آهيان.”
شاهرخ خان آخر ۾ چيو: “ڪڏهن ساراهيان ٿو، ڪڏهن تنقيد به ڪري ڇڏيان ٿو، پر هميشه چوندو آهيان—اهو ئي ڪريو جيڪو توهان کي صحيح لڳي.”

