ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان انٽرنيشنل ميرٽائم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس (پائمڪ) جي ٻئي ڏينهن تي ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ جاري نمائش ۾ 44 ملڪن جا وفد شرڪت ڪري رهيا آهن. 28 عالمي ۽ 150 مقامي ڪمپنين سميت 176 نمائش ڪندڙ ادارا هن ايونٽ جو حصو بڻيا آهن، جڏهن ته ٻن ڏينهن واري ميري ٽائم ڪانفرنس جي شروعات به اڄ کان ٿي ويو آهي.
ڪانفرنس دوران بحري معاملن تي عالمي ماهر پنهنجا مقالا پيش ڪري رهيا آهن. نمائش ۾ ايران جو اسٽال خاص ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي، جڏهن ته ترڪي طرفان به اسٽال لڳايو ويو آهي. پائمڪ جو مقصد بليو اڪانومي کي هٿي ڏيڻ ۽ بحري واپار کي فروغ ڏيڻ آهي.
وائس چيف آف نيول اسٽاف وائس ايڊمرل راجا رب نواز نمائش جو دورو ڪري مختلف چيزن جو جائزو ورتو، جتي کيس پاڪستاني جنگي سامان بابت بريفنگ ڏني وئي. هن چيو ته پائمڪ جو بنيادي مقصد بليو اڪانومي ۾ استحڪام آڻڻ ۽ عوام کي ان طرف ڇڪڻ ڪرڻ آهي. هن ٻڌايو ته ايران، جرمني، عمان ۽ سعودي عرب سميت ڪيترائي ملڪ هن ايونٽ ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.
راجا رب نواز وڌيڪ چيو ته گذريل ايڊيشن جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري وڌيڪ سڌارو آيو آهي، اسان جو مقصد هر سال اڳ کان بهتر نمائش پيش ڪرڻ آهي. شپ ميڪنگ جي شعبي ۾ به ترقي ٿي رهي آهي ۽ هي فورم ساڳئي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي گڏ آڻڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو.
هن ٻڌايو ته ميري ٽائم افيئرز منسٽر سان گڏجي هن نمائش جي شروعات ڪئي وئي، جتي بي ٽو بي ۽ بي ٽو جي ميٽنگون جاري آهن. نمائش اهڙو پليٽفارم مهيا ڪري ٿي جتي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو پنهنجا پراڊڪٽس پيش ڪري سگهن ٿا.
وائس چيف آف نيول اسٽاف چيو ته نئون شپ يارڊ قائم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، جڏهن ته ڪراچي شپ يارڊ پراڻو آهي ۽ هتي چئلينجز به آهن. گوادر ۾ نئون شپ يارڊ ٺاهڻ جو منصوبو پائپ لائن ۾ آهي، اميد آهي ته چئلينجن کي منهن ڏئي ترقي ڏانهن وڌنداسين.
هن وڌيڪ چيو ته نئين هنگور آبدوز بحري واپار ۽ دفاع کي وڌيڪ مؤثر بڻائيندي، جڏهن ته ڪراچي جو ڊيپ واٽر ٽرمينل وڏن کان وڏن جهازن کي لنگر انداز ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
ڀارتي مشقن بابت سوال تي راجا رب نواز چيو ته اسان گرد و پيش جي حالتن کان چڱيءَ طرح واقف آهيون، صورتحال جو بارڪ بيني سان جائزو وٺي رهيا آهيون، ڪنهن به غير معمولي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تياري آهي.
ڪمانڊر ڪراچي وائس ايڊمرل محمد فيصل عباسي به نمائش جو دورو ڪيو ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پائمڪ نمائش ذريعي مختلف ملڪن جي وچ ۾ مضبوط تجارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان نيوي جي صلاحيتن تي ڪنهن کي به شڪ نه هجڻ گهرجي، معرڪو حق ۾ نيوي جي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهي. هن ٻڌايو ته ڪي پي ٽي مطابق پورٽ کي ڊجيٽل ڪيو پيو وڃي، ۽ جيترا وڌيڪ پورٽ هوندا، واپار کي اوترو ئي فائدو ٿيندو.

