عمان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي نامور عالمِ دين مفتي محمد تقي عثماني کي مسلم دنيا جي ٻي بااثر ترين شخصيت قرار ڏنو ويو آهي. اردن جي رائل انسٽيٽيوٽ آف اسٽرٽيجڪ اسٽڊيز طرفان 2025 لاءِ دنيا جي 500 بااثر مسلمانن جي فهرست جاري ڪئي وئي.
فهرست موجب، قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني پهرين نمبر تي آهن، جڏهن ته مفتي تقي عثماني کي ٻئي نمبر تي رکيو ويو آهي. پاڪستان مان فهرست ۾ شامل ٻين اهم شخصيتن ۾ مولانا طارق جميل، تبليغي جماعت جي امير مولانا نذرالرحمان ۽ دعوتِ اسلامي جي امير مولانا الياس قادري جا نالا شامل آهن.
عالمي سطح تي ٽاپ 50 بااثر مسلمانن ۾ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي، ترڪ صدر رجب طيب اردوان، سعودي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ برڪينا فاسو جي صدر ڪيپٽن ابراهيم تراورے جا نالا شامل آهن.
ان کانسواءِ، ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف، ترڪ انٽيليجنس جي سربراهه ابراهيم قالن، فلسطيني اڳواڻ خالد مشعل ۽ شام جي صدر احمد الشرع به فهرست جو حصو آهن.
پاڪستان مان شامل ٻين بااثر شخصيتن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، ميڊيا شخصيت مير شڪيل الرحمان، صحافي حامد مير، جماعت اسلامي جي اڳواڻ حافظ نعيم الرحمان، اڳوڻو وزيراعظم عمران خان، ٽيڪنالاجي ماهر ڊاڪٽر عمر سيف ۽ نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي جا نالا شامل آهن.

