ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت عورتن لاءِ پنڪ اسڪوٽي فراهمي جي منصوبي جو ٻيو مرحلو جلد شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت عورتن کي سفري سهولتن جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي، ۽ جلد پنڪ اسڪوٽيز جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويندو.
هن عورتن کي اپيل ڪئي ته هو ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪن، تربيت لاءِ ڪورسز ۾ شرڪت ڪن ۽ پروگرام جي ٻئي مرحلي لاءِ رجسٽريشن ڪرائين. شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته ٽرانسپورٽ کاتي طرفان عورتن کي مفت تربيت سان گڏوگڏ مفت لائسنس پڻ ڏنا پيا وڃن.
هن چيو ته شاگردياڻين ۽ نوڪري ڪندڙ عورتن کي پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو مقصد انهن کي روزاني سفري مسئلن کان نجات ڏيارڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته منصوبي جي پهرين مرحلي کي عوام پاران غير معمولي موٽ ملي، جتي درجنين عورتن ڊرائيونگ سکڻ بعد لائسنس حاصل ڪري پنڪ اسڪوٽيز ذريعي پنهنجون روزمره سرگرميون جاري رکيون.
سينيئر وزير جو چوڻ هو ته پيپلز بس سروس، پنڪ بس سروس، اليڪٽرڪ بس سروس ۽ هاڻ پنڪ اسڪوٽيز جهڙا منصوبا شهرين کي سستي، محفوظ ۽ باوقار سفري سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ شروع ڪيا ويا آهن. هن زور ڀريو ته عورتن کي سماجي ۽ معاشي طور بااختيار بڻائڻ رڳو حڪومتي منصوبي جو حصو نه، پر پاڪستان پيپلز پارٽي جي سياسي ۽ انساني فلسفي جو مرڪزي نقطو آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ شهيد بينظير ڀٽو جي ويزن جو تسلسل آهي، ۽ اهو مشن اڄ به جاري آهي.

