چارسده (ويب ڊيسڪ) ٿاڻو مندني جي حدن ۾ واقع مندني کان تخت ڀائي روڊ تي حنيف پيٽرول پمپ جي ويجهو نامعلوم موٽر سائيڪل سوارن فائرنگ ڪري جمعيت علماء اسلام جي سينيئر اڳواڻ مولانا عبدالسلام کي شهيد ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب، فائرنگ جي نتيجي ۾ مولانا عبدالسلام موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته واقعي جي جاچ مختلف پهلوئن کان جاري آهي. لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال جمال آباد منتقل ڪيو ويو آهي.
مقتول مولانا عبدالسلام تحصيل تنگي جي اينگر باڙي بند ۾ مدرسه ابوبڪر صديق جا مهتمم هئا ۽ جمعيت علماء اسلام جي صوبائي شوريٰ جا سرگرم رڪن پڻ هئا. پوليس واقعي جي جاچ جاري رکندي قاتلن جي ڳولا ۾ مصروف آهي.

