اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شاه محمود قريشي حڪومت سان مفاهمت يا مزاحمت جي حوالي سان پنهنجو واضح موقف پيش ڪري ڇڏيو آهي۔
ذريعن موجب، شاه محمود قريشي چيو آهي ته هو عمران خان سان گڏ هئا، گڏ آهن ۽ گڏ رهندا. هن وڌيڪ چيو ته “جيڪو باني پي ٽي آءِ چوندو، ان تي ئي عمل ٿيندو”.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان اڳوڻي قيادت جي تجويز ڪيل فارمولن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ واضح ڪيو آهي ته “فيصلي جو اختيار انهن کي ئي هوندو، جيڪي مشڪل وقت ۾ ساڻس گڏ رهيا”.
هي بيان پي ٽي آءِ جي اندروني پاليسين ۽ مستقبل جي حڪمت عملي بابت اهم اشارو سمجهيو پيو وڃي، خاص طور تي موجوده سياسي حالتن جي تناظر ۾۔

