ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي لانڍي اسپتال چوڪ ڀرسان تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر سان موٽر سائيڪل سوار نوجوان فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو۔
بي قابو ڊمپرز ۽ ٽينڪرز جي ٽڪرن سبب شهرين جي حياتين جو نقصان جاري آهي، ۽ تازو حادثو پڻ ان سلسلي جو حصو آهي، جتي ٽرالر موٽر سائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو.
ريسڪيو ذريعن موجب، فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ 20 ساله ڪاشان جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته زخمي نوجوان 19 ساله جواد آهي، جن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔
پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي ٽرالر جي ڊرائيور سليمان خان کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔ پوليس موجب، حادثي بابت وڌيڪ معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي.
شهرين پاران ٽريفڪ حادثن کي روڪڻ ۽ ٽرالرز جي نگراني لاءِ سخت قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي۔

