ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪار زاهد احمد پنهنجي پوڊڪاسٽ ۾ ڏنل تڪراري بيان بابت سوشل ميڊيا تي وضاحت پيش ڪندي معذرت ڪئي آهي۔ هن چيو ته سندس بيان جو مطلب غلط سمجهيو ويو ۽ هو جذباتي انداز ۾ اهڙا لفظ استعمال ڪري ويٺو، جيڪي مناسب نه هئا۔
زاهد احمد پنهنجي انسٽاگرام وڊيو ۾ واضح ڪيو ته هو سوشل ميڊيا جي موجدين بابت ڳالهائي رهيو هو، نه ته ڊيجيٽل ڪريئيٽرز بابت۔ هن چيو: “مون انهن کي ‘جهنمي’ چيو، جيڪا منهنجي غلطي هئي، مون کي افسوس آهي، ڇو ته مون جذبات ۾ اچي ڳالهه ڪئي”۔
هن وڌيڪ چيو ته “ڪنهن جي جنت يا دوزخ جو فيصلو ڪرڻ جو حق مون وٽ ناهي، اهو صرف الله جو ڪم آهي”۔ زاهد احمد زور ڀري چيو ته هو پنهنجو موقف درست ڪرڻ چاهي ٿو، ڇو ته ڪيترا نوجوان سندس ڳالهين کان متاثر ٿين ٿا ۽ هو دين بابت غلط پيغام ڏيڻ نٿو چاهي۔
سوشل ميڊيا تي هن وضاحت تي مختلف ردعمل سامهون آيا آهن۔ ڪيترن صارفين زاهد احمد جي عاجزي ۽ غلطي تسليم ڪرڻ کي همٿ افزا عمل قرار ڏنو، جڏهن ته ڪجهه صارفين طنز ڪندي چيو ته زاهد احمد جو “سافٽ ويئر اپڊيٽ” ٿي ويو آهي، يعني هن عوامي ردعمل کانپوءِ پنهنجو موقف تبديل ڪيو۔
ڪجهه صارفين زاهد احمد ۽ ٽڪ ٽاڪرز ٻنهي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته “ٻئي ڌريون پنهنجي حدون اورانگهي رهيون آهن”۔
هي واقعو ان وقت سامهون آيو، جڏهن زاهد احمد جي پوڊڪاسٽ ۾ ڏنل بيان سوشل ميڊيا تي هڪ وڏي بحث جو سبب بڻيو، ۽ سندس وضاحت نه صرف مداحن پر پوري ڊيجيٽل ڪميونٽي جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي۔

