لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور ضلعي انتظاميه هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي شهر جي مارڪيٽن ۽ ريسٽورينٽن جي وقتن ۾ تبديلي جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي۔
ڊپٽي ڪمشنر سيد موسيٰ رضا طرفان 2023 جي نوٽيفڪيشن تي عملدرآمد لاءِ سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن۔
ضلعي انتظاميه موجب، انسداد اسموگ قدمن تحت سومر کان ڇنڇر تائين مارڪيٽون رات 10 وڳي ۽ ريسٽورينٽس ۽ ڪيفي رات 11 وڳي بند ڪيا ويندا۔
آچر تي مارڪيٽون ڏهين وڳي رات تائين کليل هونديون، جڏهن ته هوم ڊيليوري جي اجازت رات 2 وڳي تائين هوندي۔
ميڊيڪل اسٽورز، بيڪريون، تندور، کير جون دڪانون، اسپتالون، ليبارٽريون، پيٽرول پمپ ۽ پنڪچر شاپس کي استثنا حاصل هوندو۔
ڊپٽي ڪمشنر سيد موسيٰ رضا جو چوڻ آهي ته نئين وقتن تي پابندي لازمي هوندي، ۽ خلاف ورزي ڪندڙ دڪانن، هوٽلن ۽ ريسٽورينٽن کي سيل ڪيو ويندو، ڀاري ڏنڊ پڻ لڳايو ويندو۔

