آمريڪا: آمريڪي سياست جو اهم ۽ تڪراري شخصيت ڊڪ چيني 84 ورهين جي عمر ۾ نمونيا سبب علاج هيٺ هجڻ باوجود زندگي جي جنگ هارائي ويو۔
آمريڪي ميڊيا موجب، ڊڪ چيني جو علاج ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم طرفان سندس گهر تي ڪيو پئي ويو، پر هو جانبر نه ٿي سگهيو۔
ڊڪ چيني دل جي بيمارين سميت عمر سان لاڳاپيل ٻين بيمارين جو شڪار پڻ هو ۽ ڪافي ڪمزور ٿي ويو هو۔
هو2001 کان 2009 تائين صدر جارج ڊبليو بش جي ٻنهي دورن ۾ نائب صدر طور خدمتون سرانجام ڏنيون، جڏهن ته اڳ ۾ صدر جيرالڊ فورڊ جي دور ۾ وائيٽ هائوس جو چيف آف اسٽاف پڻ رهيو۔
نائب صدارت دوران، هن 11 سيپٽمبر جي حملن کانپوءِ آمريڪي پرڏيهي پاليسي ۽ دهشتگردي خلاف قدمن ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو۔
30 جنوري 1941 تي نيبراسڪا ۾ ڄاول ڊڪ چيني، وائيومنگ مان آمريڪي ڪانگريس جو ميمبر پڻ چونڊيو ويو هو۔
هو 1989 کان 1993 تائين وزير دفاع پڻ رهيو، جتي هن خليجي جنگ بابت اهم فيصلا ڪيا۔
ڊڪ چيني انتظامي فيصلن ۾ سڌي مداخلت ڪئي ۽ روايتي نائب صدرن کان وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪيو، پر ان سان گڏ عراق تي حملي جي حمايت، جاسوسي ۽ غير روايتي جنگي حڪمت عملين تي سخت تنقيد پڻ سامهون آئي۔

