معاشي واڌاري لاءِ وڏيرڪي اجاراداري جو خاتمو ضروري آهي: مصدق ملڪ

Homeاهم خبرمعاشي واڌاري لاءِ...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته ملڪ جي واڌاري لاءِ وڏيرڪي ۽ اشرافيه جي اجاراداري کي ٽوڙڻ انتهائي ضروري آهي. هو فيوچر سمٽ ۾ خطاب ڪري رهيو هو.

مصدق ملڪ چيو ته منزل جي سڃاڻپ کانسواءِ واٽ جو تعين ممڪن ناهي. نوجوانن جون اميدون ساديون آهن، هو تبديلي تي پڪو ويساهه رکن ٿا. هن چيو ته عام ماڻهو کي جي ڊي پي، پرڏيهي کاتو يا مالي انگن اکرن جي ڄاڻ ناهي، هو ته رڳو پنهنجي روزاني زندگي بهتر بنائڻ چاهين ٿا.

هن چيو ته ڪراچي وارا شايد لاهور جي ڌنڌ (اسموگ) جو اندازو نه ڪري سگهن، جيڪا انسان جي عمر مان 7 کان 8 سال گهٽائي ٿي. هن پنهنجي والد جي آخري ڏينهن جو ذڪر ڪندي چيو ته سندس خواهش هئي ته هو ڪجهه گهڙين لاءِ هوش ۾ اچي، ته جيئن هو دل جي ڳالهه ڪري سگهي.

وفاقي وزير زور ڏنو ته عام ماڻهن کي بنيادي علاج جون سهولتون ڏيڻ ڪا ڏکي ڳالهه ناهي. پاڙا تڏهن ئي آباد ٿيندا، جڏهن مڪاني نمائندا چونڊجي سامهون اچن ۽ لوڪل ادارا مضبوط ٿين.

مصدق ملڪ چيو ته سرڪاري نوڪريون محدود آهن، سٺيون نوڪريون تڏهن ملنديون، جڏهن نجي شعبي کي واڌارو ملي. واپار جي واڌاري سان ئي پائيدار ترقي ممڪن آهي، جيڪا پيداوار ۽ نواڻ سان جُڙيل آهي. نواڻ تڏهن ايندي، جڏهن مقابلو ٿيندو، ۽ مقابلي لاءِ سڀني کي برابر موقعا ملڻ گهرجن.

هن چيو ته جيڪڏهن صرف مخصوص طبقا ئي وسيلن تي قابض هجن، ته باقي شعبي ڪيئن ترقي ڪندا؟ جيڪڏهن بجلي، گئس، يا رعايتون رڳو چند ماڻهن کي ملن، ته مقابلو ختم ٿي ويندو. اهڙي صورتحال ۾ اشرافيه ئي غالب رهندي.

مصدق ملڪ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اشرافيه جي اجاراداري ختم نه ڪئي وئي، ته ملڪ جي معيشت ڪڏهن به مضبوطي سان اڳتي نه وڌي سگهندي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});