ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺي خلاف متنازع ٽوئٽس واري ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪا جي عدالت ۾ ٿي، جتي ٻنهي جوابدارن عدالتي ڪارروائي تي اعتراض ڪيو.
ايمان مزاري عدالت جي گذريل حڪم کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته کيس فرد جرم پڙهي ٻڌائي ئي نه وئي، عدالت ۾ لڳل ڪئمرا جي رڪارڊنگ ڏسي سگهجي ٿي. هن چيو ته کيس اڃا تائين خبر ناهي ته الزام ڇا آهي.
جج افضل مجوڪا وضاحت ڪئي ته ايمان مزاري جي وڪيل کي الزام ٻڌايو ويو هو، جنهن صحتِ جرم کان انڪار ڪيو. ايمان مزاري مطالبو ڪيو ته عدالت اڄ فرد جرم پڙهي ٻڌائي ۽ سمجهاڻي ڏئي.
هادي علي چٺي سرڪاري وڪيل کي هٽائڻ جي درخواست ڏني ۽ آصف علي کي پنهنجو وڪيل مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن عدالت تي مس ڪنڊڪٽ جو الزام لڳائيندي چيو ته ايم آءِ ٽي کان رجوع ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري ڪيس جي ٻڌڻي روڪڻ گهرجي.
جج افضل مجوڪا چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي روڪي سگهجي، ۽ ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺي جي وڪيلن جي اچڻ تائين ٻڌڻي ۾ وقف وٺي وئي.
وقفي کان پوءِ ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته هادي علي چٺي عدالت تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته عدالت جانبدار آهي، تنهن ڪري ڪيس جي ٻڌڻي نه ڪري. جج جواب ڏنو ته جيڪڏهن فرد جرم کان اڳ بي اعتمادي ظاهر ڪئي هجي ها ته ڪيس منتقل ڪري سگهجي ها، هاڻ صرف هاءِ ڪورٽ ئي ڪيس منتقل ڪري سگهي ٿي.
هادي علي چٺي چيو ته جج صاحب دٻاءُ هيٺ لڳن ٿا، جنهن تي جج افضل مجوڪا چيو ته هو ڪنهن به دٻاءُ هيٺ نه آهي.
ايمان مزاري چيو ته عدالت فرد جرم عائد ڪري، ڇو ته اڃا تائين چارج پڙهي ٻڌايو ئي نه ويو آهي. جج چيو ته فرد جرم عائد ڪئي وئي هئي، پنهنجي وڪيل کان پڇو. قانون موجب عدالت ڪيس جي ٻڌڻي جاري رکڻ جو اختيار رکي ٿي.
ايمان مزاري خبردار ڪيو ته جيڪڏهن عدالت اهڙي طريقي سان ٻڌڻي هلائيندي ته هو عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪندا. جج جواب ڏنو ته جيڪڏهن بائيڪاٽ ڪرڻ چاهيو ٿا ته بيشڪ ڪريو.
هادي علي چٺي چيو ته سندن وڪيل هاءِ ڪورٽ ۾ آهن، عدالت ڪجهه وقت ڏئي. عدالت ٻڌڻي ۾ 12 وڳي تائين وقف ڪري ڇڏيو.

