ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي رهواسي مبشر علي کي پنهنجي موبائل فون تي هڪ ميسيج ذريعي پنجاب مان اي چالان جو نوٽيس مليو آهي جنهن کانپوءِ هو پريشان ٿي ويو جڏهن ته مبشر علي وٽ نه ئي ڪا موٽرسائيڪل آهي ۽ نه ئي ڪا ٻي گاڏي نه ئي ڪڏهن به پنجاب ويو آهي جتي هن گاڏي هلائي هجي. ڪراچي واسي مبشر علي ڊيلي ايوننگ نيوز ۽ روزاني مثال سان رابطو ڪيو ۽ پنجاب حڪومت پاران مليل مبينا اي چالان جا تفصيل ٻڌايا ۽ چيو ته ته مونکي موبائل فون تي 2000 هزار جي اي چالان جو نوٽيس مليو جنهن کانپوءِ مان پريشان ٿي ويس ۽ سمجهه ۾ به نه پيو ته ڇا ڪريان، موبائل موبائل فون ذريعي جڏهن چالان ۾ ڏنل نمبر جڏهن چالان ڀرڻ لاءِ ويب سائيٽ تي چيڪ چيو ته انهن ۾ 2000 هزار روپين جو چالان موجود هو. مونکي سنڌ ۽ پنجاب جي اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته مهرباني ڪري انهيءَ مسئلي جو حل ڪڍيو وڃي ته مان ڪڏهن به پنجاب ناهيان ويو ۽ نه ئي مون وٽ سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪا گاڏي آهي جيڪا منهنجي نالي تي هجي ته پوءِ مونکي اي چالان ڪيئن مليو ان جي جاچ ڪري غلطي جو ازالو ڪيو وڃي.
نه گاڏي، نه سفر – پوءِ به سنڌ نه پر پنجاب جو اي چالان، ڪراچي واسي پريشان
Subscribe
By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

