قانون تي عمل ٿئي، چالان جي ضرورت ئي نه رهي: شرجيل ميمن

Homeاهم خبرقانون تي عمل...

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمن چيو آهي ته منهنجي خواهش آهي ته ماڻهو قانون جي پيروي ڪن ۽ حڪومت کي چالان جي مد ۾ هڪ رپيو به نه ملي.

پريس ڪانفرنس دوران صوبائي وزير ٽرانسپورٽ ۽ اطلاعات شرجيل ميمن چيو ته سنڌ حڪومت خوراک جي کوٽ کان بچڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سنڌ حڪومت هارين جي مدد شروع ڪري ڇڏي آهي، ۽ اڄ کان سنڌ جي هر علائقي ۾ هارين کي سهائتا فراهم ڪئي پئي وڃي.

هن ٻڌايو ته 4 لک 19 هزار هارين کي في ايڪڙ 14 هزار رپيا ڏنا ويندا، جيڪي خاص طور تي ڪڻڪ جي پوک لاءِ آهن. وفاقي حڪومت کي هن سال به ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻي پئي. غربت جي لڪير هيٺ زندگي گذارڻ وارن کي “هاري ڪارڊ” ذريعي مدد ڏني پئي وڃي.

شرجيل ميمن چيو ته اي چالان تي ڪجهه سياسي پارٽيون سياست ڪري رهيون آهن، جيڪي نه پاڻ ڪم ڪرڻ چاهين ٿيون ۽ نه ٻين کي ڪرڻ ڏين ٿيون. هن چيو ته اي چالانز کانپوءِ ٽريفڪ جي رواني ۾ واضح سڌارو آيو آهي. منهنجي خواهش آهي ته ماڻهو قانون جي پاسداري ڪن ته جيئن حڪومت کي چالان جي مد ۾ هڪ رپيو به نه ملي. حڪومت جو مقصد چالان ذريعي پئسا ڪمائڻ نه آهي. هڪ هفتي ۾ 20 هزار کان وڌيڪ چالان ٿيا آهن، جن مان ڪيترائي معاف ڪرايا ويا. ريڊ لائيٽ ۽ ون وي جي ڀڃڪڙي خطرناڪ آهي. ٽريفڪ جا قانون ماڻهن جي حفاظت لاءِ آهن.

هن چيو ته عدالت ۾ به پنهنجو موقف پيش ڪيو آهي. ڪراچي جا ڪجهه چئلينج آهن، جن تي تنقيد ڪئي پئي وڃي. مارچ تائين ڪراچي جي انفرااسٽرڪچر ۾ واضح سڌارو نظر ايندو. شاهراهه ڀٽو ڪراچي جو شاندار منصوبي آهي، جڏهن ته ريڊ لائن ۽ لنڪ روڊز تي به ڪم جاري آهي. سنڌ حڪومت جو واعدو آهي ته ماڻهن جون اميدون جلد پوريون ٿينديون.

شرجيل ميمن چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت هر فيصلو مشاورت سان ڪري ٿي. پيپلز پارٽي هڪ جمهوري جماعت آهي. 27هين آئيني ترميم بابت سي اي سي جو اجلاس گهرايو ويو آهي، جنهن ۾ فيصلو سامهون ايندو. پاڪستان جي آئيني ضرورتن کي ڏسندي ترميمون ٿينديون آهن. 18هين ترميم به پيپلز پارٽي جي دور ۾ آئي. 27هين ترميم تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. آئيني ترميمن جو مقصد غلط بڻايو ويو آهي. وقت جو انتظار ڪيو وڃي. پيپلز پارٽي پاڪستان جي حق ۾ بهتر فيصلو ڪندي. آزاد ڪشمير جي تحريڪ هلي رهي آهي، جنهن جو وقت مقرر ڪيو ويندو ۽ اهو معاملو به سي اي سي ۾ آندو ويندو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});