ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ منڪي پاڪس جو هڪ مشتبہ ڪيس سامهون آيو آهي، جيڪو 13 سالن جي ٻار سان لاڳاپيل آهي، جيڪو تازو ئي سعودي عرب مان واپس آيو آهي.
سنڌ انسٽيٽيوٽ آف انفيڪشن ڊزيزز جي ايم ايس ڊاڪٽر واحد راجپوت موجب، ٻار ۾ منڪي پاڪس جهڙيون علامتون ظاهر ٿيون آهن، جن ۾ تيز بخار ۽ جسم تي زخم شامل آهن. متاثر ٻار کي فوري طور تي نيپا انسٽيٽيوٽ جي آئسوليشن وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.
اسپتال انتظاميه موجب، ٻار جا نمونا ڊائو يونيورسٽي جي ليبارٽري ڏانهن موڪليا ويا آهن، ۽ رپورٽ اچڻ کان پوءِ بيماري جي حتمي تصديق ڪئي ويندي.
صحت جي ماهرن عوام کي احتياط ڪرڻ ۽ اهڙين علامتن جي صورت ۾ فوري طور تي اطلاع ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. جيڪڏهن ڪيس جي تصديق ٿئي ٿي ته شهر ۾ وڌيڪ حفاظتي قدم کنيا ويندا.

