اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انجنيئر محمد علي مرزا کي گستاخي جو ذميوار قرار ڏيڻ واري قرارداد خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ آخري هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي.
عدالتي ڪارروائي دوران معلوم ٿيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل اڃا تائين تحريري جواب جمع نه ڪرايو آهي، جنهن تي عدالت مهلت ڏيڻ جي درخواست قبول ڪئي.
ساڳئي وقت، انجنيئر محمد علي مرزا طرفان به ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي، پر رجسٽرار آفيس ان تي اعتراض لڳائي ڇڏيو. وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته اعتراض دور ٿيڻ کانپوءِ درخواست پيش ڪئي ويندي.
جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته ڪارروائي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي راءِ تي شروع ٿي، ۽ جيڪڏهن نئين تصور تي عمل ڪجي ته توهين جا سڀ ڪيس ڪائونسل ڏانهن موڪليا وڃن.
وڪيل ڊاڪٽر اسلم خاڪي موقف اختيار ڪيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل پنهنجي اختيارن کان وڌي وئي آهي، ڇو ته اها راءِ صرف صدر يا صوبائي گورنر جي درخواست تي ڏئي سگهي ٿي.
جسٽس ڪياني چيو ته ممڪن آهي ته ڪائونسل کي جاچ جا اختيار مليا هجن، پر عبوري حڪم جاري ڪرڻ لاءِ ٻئي ڌر جو جواب ڏسڻ ضروري آهي. عدالت واضح ڪيو ته جيڪڏهن هڪ هفتي اندر جواب نه آيو ته حڪم جاري ڪيو ويندو. عدالت ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 12 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

